غازي فقير ڪلر

غازي فقير ڪلر

غازي فقير ڪلر

غازي فقير ڪلر: ھندستان جي جيسلمير ضلعي(راجستان) ۾ڪانگريس جي اھم سياسي اڳواڻ ۽ حُر جماعت جي جيسلميري چونڪيءَ جي مشھور خليفي غازي فقير ڪلر جي پيءُ جو نالو راڻو فقير ڪلر هو، جيڪو پير صبغت الله شاھھ ‘ثاني’ سورھيھ بادشاھھ جي خليفن مان ھڪ ھو. 1939ع ۾ سورھيھ بادشاھھ جڏھن انگريزن خلاف غازي ڀرتي ڪري مزاحمت جو آغاز ڪيو، اُن وقت جيسلميري چونڪيءَ جاگرافيائي لحاظ کان جيسلمير، جوڌپور، ڏھرڪي، خيرپور جي ناري تعلقي، سانگهڙ جي کپري تعلقي ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين علائقن تي پکڙيل ھئي، تنھنڪري سورھيھ بادشاھھ ان وقت جماعت جي جن ٽن فقيرن کي جيسلميري چونڪيءَ جون ذميواريون ڏنيون، انهن ۾ خليفو راڻو فقير ڪلر شامل ھو. جنھن جيسلمير واري علائقي جو رهاڪو هجڻ سبب ان پاسي پنھنجون جماعتي ذميواريون نڀايون. ھن جيسلمير، ٻاھڙمير، بيڪانير ۽ جوڌپور ۾ حر جماعت جا معاملا سنڀالڻ سان گڏ درگاھھ جو نظام لاڳو ڪيو. راڻي فقير جي وفات کانپوءِ سندس پٽ غازي فقير ڪلر ذميواريون سنڀاليون ۽ 1970ع ۾ سياست جي شروعات ڪئي. ھن جيسلمير جي سياست کي ھڪ جدا سڃاڻپ ڏني، جو اتي هر اليڪشن ۾ حر جماعت جي حمايت سان ڪاميابي ٿيڻ لڳي. غازي فقير اڻ پڙھيل ھئڻ باوجود سياسي بصيرت ۽ ڏاھپ وارو سياسي اڳواڻ ھو. ھندستاني سياست کان گهڻو واقف ھو. ھن پير پاڳاري جي جيسلميري جماعت جي مُک خليفي جي حيثيت ۾ ٻين راڄن ڀاڳن ۾ بھ تمام وڏي عزت ٺاھي. ھندستان جي مشھور سنڌي ليکڪ ۽ ھندستان ٽائمز جي سينئر ايڊيٽرلڇمڻ ڪومل’، غازي فقير بابت پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي تھ: “خليفو غازي فقير، جيسلمير ضلعي جو ’وي پي سنگهھ‘ (اُن وقت جو ھندستاني وزيراعظم) آھي. غازي فقير ڪلر بلدياتي چونڊن ۾ اسي سيڪڙو پنھنجا ئي بيھاريل اميدوار کٽرائيندو رھيو. جيسلمير، ٻاھڙمير ۽ جوڌپور جي راجائن سان سندس تمام ويجهو تعلق رھيو. ھو راجستان صوبي جي سياست ۾ متحرڪ ڪردار سبب ھميشھ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرن جو مرڪز رھيو. پراڻي ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ جيسلمير ۾ 1985ع کان ڪو بھ سندس بيھاريل اميدوار جي سامهون چونڊ نھ وڙھيو. ڪانگريس لاءِ سندس قربانيون رھيون. جماعت سان وابسته ۽ سماٽ جي ڇٽيھھ قبيلن جو اڳواڻ ھئڻ سبب راجستان ۾ سندس وڏو اثر رسوخ ھو. ھو راجستان ۾ پير پاڳاري جي نمائندگي ڪندو ھو. جڏهن ته سنڌ ۾ جماعتي فيصلن ۾ به کيس خاص اھميت حاصل هئي. هن جا ڪانگريس سميت بي جي پي (BJP)جي اڳواڻن سان بھ سٺا تعلقات رھيا. جيتوڻيڪ پاڻ سنڌي مسلمانن جو سياسي اڳواڻ ھو، پر سندس ڪردار سبب راجستان جي ھندو جاتين ۾بھ کيس تمام گهڻي مڃتا حاصل ھئي. غازي فقير جو پٽ صالح محمد ھن وقت راجستان سڀا ۾ وزير آھي ۽ سندس ڀاءُ فتح محمد بھ راجستان ۾ ايم. ايل. اي ۽ وزير رھيو. غازي فقير 27 اپريل 2021ع تي جوڌپور جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس جيسلمير جي اباڻي قبرستان جهاورا ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ غازي فقير ڪلرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو